بنجول – 06 – مئي (اي پي پي) نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? محمد اسحاق ڊار 15 هين او آءِ سي سربراهي اجلاس جي موقعي تي گيمبيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي سان بنجول ۾ ملاقات ڪئي. نائب ??زي??اعظم پاڪستاني ڪميونٽي کي 15 هين او آءِ سي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو. هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته محمد اسحاق ڊار پاڪستاني ڪميونٽي کي سربراهه اجلاس دوران ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بنجول ۾ پنهنجي ملاقاتن ۽ سرگرمين بابت ٻڌايو. پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? پاران ا??هن کي ڳالهه ٻولهه جو موقعو فراهم ڪرڻ تي کيس ساراهيو. هنن نائب ??زي??اعظم کي پنهنجي ڪجهه مسئلن بابت ٻڌايو ۽ ا??هن تي غور ڪرڻ جي درخواست ڪئي. هن پاڪستان ۽ گيمبيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳا??ن کي مضبوط ب??ائ?? جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون. گيمبيا ۾ پاڪستان جو اعزازي قونصل جنرل ڪيبا ڪروبالي، پرڏيهي سيڪريٽري سفير سائرس قاضي ۽ سينيگال ۾ پاڪستان جي سفير صائمه سيد پڻ ان موقعي تي موجود هئا.