ملتان – 23 ?? مئي (اي پي پي) وقتي ص??ر سيد يوسف رضا گيلاني س??ن ملتان ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن جي وفد ملاقات ڪئي. ??ن موقعي تي سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري س??ائين چين سميت دوست ملڪن کي راغب ڪيو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن چيو ته سي پيڪ جهڙن گيم چينجرز منصوبن جي شروع ٿيڻ ۾ صدر آصف علي زرداري جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وقتي ص??ر ملڪي معيشت ۾ واپارين جي ڪردار کي س??راهيندي انهن کي يقين ڏياريو ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ واپارين جي مسئلن کي نظرانداز نه ڪيو ويندو. وقتي ص??ر س??ن ملاقات ڪندڙ واپارين ۾ صدر چيمبر آف ڪامرس ملتان راشد اقبال، رومانه تنوير شيخ، انڊسٽريل اسٽيٽ بورڊ آف مئنيجمينٽ جي ص??ر آصف مجيد، چوڌري وحيد ارشد، خواجه جلا?? الدين رومي، خواجه يونس ۽ ٻيا شامل هئا. واپاري برادري سينيٽ چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ 148 جي ضمني چونڊن ۾ علي قاسم گيلاني جي ڪاميابي تي يوسف رضا گيلاني کي مبارڪباد ڏني. ??ن موقعي تي ناليواري صنعتڪار ميان تنوير شيخ جي رهائشگاهه تي وقتي ص??ر جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو ويو. ان کان اڳ وقتي ص??ر سيد يوسف رضا گيلاني ڪمرشل فلائيٽ پي ڪي ذريعي ملتان ايئرپورٽ پهتو ته ملتان سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن عبدالقادر گيلاني، علي قاسم گيلاني، صوبائي اسيمبلي ميمبرن علي حيدر گيلاني، ڪامر??ن مڙل ۽ راڻا اقبال سراج سميت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڏکڻ پنجاب فواد هاشم رباني، ڪمشنر ملت??ن مريم خان، ڊپٽي ڪمشنر رضوان قدير ۽ ٻي مقامي انتظاميا استقبال ڪيو.