اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 25-2024ع لاءِ 18 ٽريلين روپين کان وڌيڪ ماليت جي وفاقي بجيٽ اڄ اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ پيش ڪندي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قيادت ۾ موجوده اتحادي حڪومت جي اه?? پهرين وفاقي بجيٽ آهي. وفاقي حڪومت اندروني ۽ پرڏيهي ٻنهي سطحن تي درپيش چئلينجز وچ ۾ پنهنجي پهرين بجيٽ پيش ڪري رهي آهي. ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اربع جي شام قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ پيش ڪن??و جڏهن ته انهي وقت بجيٽ دستاويز سينيٽ ۾ به پيش ڪيا ويندا. نئين مالي سال لاءِ ايف بي آر جي محصولن جو هدف 12 هزار ارب روپين کان وڌيڪ رکڻ جو امڪان آهي، وفاق ۽ صوبن جي سالياني ترقياتي پروگرام ج?? ڳاڻيٽو 3.792 کرب روپيا رکڻ جو امڪان آهي جنهن سان مجموعي قومي پيداوار جي شرح ۾ اضافو ممڪن ٿي سگهن??و جيڪو هلندڙ مالي سال دوران 2.4 سيڪڙو رهيو. نئين مالي سال ۾ مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافي جو هدف 3.6 سيڪڙو کان وڌيڪ رکڻ جو امڪان آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ وفاقي حڪومت جي سالياني ترقياتي پروگرام ج?? ڳاڻيٽو 1221 ارب روپيا رکڻ جو امڪان آهي. نئين مالي سال ۾ وفاقي حڪومت 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ تيزي آندي ويندي ۽ ان ڏس ?? 5 ايز جا قدم لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو. نئين مالي سال جي سالياني ترقياتي پروگرام ج?? جوڙجڪ ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي سفارشن ۽ هدايتن کي به نظر ۾ رکيو ويو آهي، نئين مالي سال جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ شعبي وار حڪمت عملي، بنيادي ڍانچي جي ترقي، صنعتي سرگرمين ۾ اضافو، توانائي ۾ ڪفايت، آبي وسيلن جي ترقي، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات کي بهتر بڻائڻ، سماجي شعبن، سائنس ۽ آءِ ٽي، گورننس، پيداواري شعبن ۾ متوازن علائقائي ترقي کي يقيني بڻايو ويو آهي. حڪومت ملڪي ۽ عالمي محاذن تي معيشت کي درپيش موجوده چئلينجن ۽ مشڪلاتن جي ڏس ?? بجيٽ تيار ڪري رهي آهي جنهن جي اڪثر نقطن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ عوام ج?? اهنجن ??ي گهٽ ڪرڻ، زرعي شعبي ۾ بهتري آڻڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ ۽ روانگي واپار ۾ اضافي تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ مالياتي انتظام کانسواءِ محصول کي متحرڪ ڪرڻ، معاشي استحڪام ۽ اوسر لاءِ قدم، غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي، روزگار جي موقعن ۾ اضافو ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي لاءِ عوام دوست پاليسيون شامل هونديون. ذريعن ٻڌايو ته نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ لاءِ سموريون تياريون مقرر نظام ۽ وقت موجب زور شور سان جاري آهن.