اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ا??شورنس ڪمپنين جي بدانتظامي جي خلاف متاثر انشورنس پاليسي هولڊرز کي فوري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انشورنس محتسب پنهنجي ??هچ وڌائي ۽ شڪايتن جو فوري حل يقيني بڻائي. ايوان صدر جي ????يس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي ا??شورنس محتسب ??مت??ز علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪيسز ۾ وڌ کان وڌ شهرين کي مالياتي ريليف فراهم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انشورنس ڪليمز جي حل ۾ متاثر پاليسي هولڊرز کي ا??صاف جي ??راهمي ۾ انشورنس محتسب جي ڪردار بابت آگاهي جي ضرورت آهي، هن چيو ته انشورنس محتسب شڪايتن جي ازالي جي ??اءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ آءِ سي ٽي ٽولز جو استعمال ڪري. ان کان اڳ صدر ايوان صدر ۾ منعقد حلف برداري واري تقريب ۾ ??مت??ز علي شاهه کان وفاقي ا??شورنس محتسب جي عهدي جو حلف ورتو.