اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف شهزاده منصور بن سعود بن ع??دالعزيز جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي سعودي شاهي خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته شهزاده منصور بن سعود بن ع??دالعزيز جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي گهرو ڏک ٿيو. حرمين شر??فين جي نگران شاه?? سلمان بن ع??دالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان، شهزاده منصور بن سعود بن ع??دالعزيز ۽ شاهي خاندان سان دلي تعزيت ڪريان ٿو. هن مرحو??ه جي روح جي ايصال ثواب لاءِ دعا پڻ ڪئي.