اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ عل??مه اقبال اوپن يونيورسٽي جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي يادگاري ٽپال ٽڪلي جاري ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ عل??مه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. پاڪستان پوسٽ ۽ يونيورسٽي انتظامي?? گولڊن جوبلي جي موقعي تي يادگاري ٽپال ٽڪلي جي مهورت ڪئي. تقريب ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ پاڪستان پوسٽ جو ڊائريڪٽر جنرل سميع الله خان خاص مهمان هئا. ان اهم سنگ ميل کي خصوصي ٽپال ٽڪلي??ن جاري ڪرڻ سان ملهايو ويو جيڪو معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ معاشري تي ان جي اثرن لاءِ عل??مه اقبال اوپن يونيورسٽي جي چاهه جي علامت آهي. پنهنجي خطاب ۾ راڻا تنوير حسين پاڪستان ۾ تعليم جي شعبي ۾ عل??مه اقبال اوپن يونيورسٽي جي نمايان خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته عل??مه اقبال اوپن يونيورسٽي سڀني لاءِ پهچ جوڳي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هي يادگاري ٽپال ٽڪلي عل??مه اقبال اوپن يونيورسٽي جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي پاڪستان پوسٽ طرفان جاري ڪئي پئي وڃي جيڪو ساراهه جوڳو قدم آهي.