اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي ميٽا جي پاڪستان ۾ آپريشنز جي حوالي سان سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ميٽا جي مهارت مان فائدو حاصل ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ميٽا جي 5 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ميٽا جي ايشيا پ??سف?? بابت نائب صدر سائمن ملنر ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي شعبن ۾ بي پن??هه صلاحيت موجود آهي، ملڪي تاريخ ?? پهريون ڀيرو انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ جي فروغ جي حوالي سان رڪارڊ بجيٽ رکي وئي آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ميٽا جي مهارت مان فائدو حاصل ڪيو ويندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ميٽا جي پاڪستان ۾ آپريشنز جي حوالي سان سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ميٽا جي وفد وزيراعظم کي پاڪستان ۽ ايشيا پ??سف?? ۾ پنهنجي سروسز بابت آگ??هه ڪيو. وفد بريفنگ دوران ٻڌايو ته ميٽا مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ريجن ۾ پهريون مقابلو پاڪستان ۾ منعقد ڪرايو. ٻنهي ڌرين ??اڪستان ۾ ڊيجيٽل ميڊيا ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن جي ترقي ۽ ترويج جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ڊپٽي چيئرمين ??لاننگ ڪميشن جهانزيب خان، تانيه ايدرس ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.