اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ??لوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ويجهو دهشتگردي جي بدترين واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگرد ۽ انهن جي سهولتڪارن کي عبرت??اڪ انجام تائين پڄايو ويندو. دهشتگردي جي جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان زندگي جي هر طبقي لازوال قربانيون ڏنيون آهن. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي 23 مسافرن جي قتل جي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزير دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪارروائين ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ??يو. محسن نقوي ??و چوڻ هو ته موسيٰ خيل ويجهو دهشتگردن معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائي ڏاڍ جو مظاهرو ??يو. سفاڪيت ۽ ظلم جي انتها ڪئي وئي. هن جو چوڻ هو ته حڪومت قتل ٿيل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪ??ي ٿي ۽ ڏک??يل ڪٽنبن سان سندن غم ۾ برابر جي شريڪ آهي.