اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري چيو آهي ته دهشتگردي جي فتن?? کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ آخري دم تائين ڪوششون جاري رکنداسين، قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? آصف علي زرداري لاه??ر ۾ ڪيپٽن محمد علي قريشي شهيد جي گهر ويو ۽ شهيد جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ڪيپٽن محمد علي قريشي گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ شهيد ٿي ويو هو. صد?? آصف علي زرداري ڪيپٽن محمد علي قريشي شهيد جي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي. صد?? آصف علي زرداري ڪيپٽن محمد علي قريشي جي خدمتن ۽ بهادر?? کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اسا?? جون همدرديون شهيد جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪيترن ئي نوجوانن جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿي. صد?? چيو ته دهشتگردي جي فتن?? کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ آخري دم تائين ڪوششون جاري رکنداسين. صد?? آصف علي زرداري شهيد ڪيپٽن جي گهرڀاتين جي حب الوطني ۽ ايثار جي جذب?? کي ساراهيو. هن چيو ته قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. صد?? آصف علي زرداري ڪيپٽن محمد علي قريشي جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.