اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي جي چي??رمين بلاول ڀٽو ??رد??ري جي پارليامينٽ ۾ ڏنل تجويز ”چارٽ?? آف پارليامينٽ“ کي ساراهيندي چيو آهي ته ان سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومت جو هر قدم ۾ ساٿ ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف چي??رمين بلاول ڀٽو ??رد??ري جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ۾ سيد نويد قمر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ ان??اف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اٽارني جنرل پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي مشاوت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومت جو هر قدم ۾ ساٿ ڏنو. وزيراعظم پيپلزپارٽي جي چي??رمين بلاول ڀٽو ??رد??ري جي پارليامينٽ ۾ ڏنل تجويز ”چارٽ?? آف پارليامينٽ“ کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ان سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومتي معاشي پاليسين کي ساراهيو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد حڪومتي پاليسين ۽ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.