اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطالله تارڙ ??يو آهي، ته ڪنهن خاص شخص لاءِ قانون سازي جو تاثر غلط آهي، تجويز ڪيل قانون سازي وسيع تر عوامي مفاد لاءِ آهي، اجتماعي سوچ سان اڳ??ان وڌي رهيا آهيون. پارليام??نٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ??يو ته عوام کي فوري انصاف جي فراهمي لاءِ گهڻي دير کان سڌارن جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي، ان حوالي سان قدم کڻي رهيا آهيون. هن ??يو ته اهو تاثر بلڪل غلط آهي ته ڪنهن خاص شخصيت لاءِ قانونسازي ڪئي پئي وڃي، تجويز ڪيل قانونسازي وسيع تر عوامي مفاد لاءِ آهي. هن ??يو ته ڪيسن کي اڪلائڻ ۾ ڪيترائي ڏهاڪا لڳي ويندا آهن، عوام کي سندن چانئٺ تي سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي اسان جي ترجيح آهي. هن ??يو ته خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي ۽ حڪومتي اتحادي گڏجي ويٺا آهن. بلاول ڀٽو زرداري ۽ اسحاق ڊار چارٽر آف ڊيمو ڪريسي جي ڳالهه ڪئي آهي. هن ??يو ته اهي معاملا قومي نوعيت جا آهن ۽ انهن سان پوري قوم کي فائدو پهچڻ گهرجي، ڪيترائي ڀيرا ڪاز لسٽ جاري ناهي ٿي??دي?? نوٽيس ناهن ڏنا ويندا ۽ آرڊر جاري ٿي ويندا آهن، ان حوالي سان توازن برقرار رکڻ جو نظام هئڻ گهرجي. وفاقي وزير ??يو ته ڪابينه جا ميمبر موجود آهن، ترميم سان پوري قوم جو فائدو ٿيڻ گهرجي، اجتماعي سوچ سان اڳ??ان وڌي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ??يو ته آئيني ترميم لاءِ پراميد ۽ پرعزم آهيون، نمبر گيم جو ڪو به مسئلو نه ٿيندو. مولانا فضل الرحمان اسان جو پراڻو اتحادي ۽ ساٿي آهي، سٺيون خبرون اينديون.