اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) قان??ن ۽ انصاف واري وزارت سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس سيد منصور علي ??اهه کي چيف جسٽس مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو. وزارت مان جاري بيان موجب سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن ڪوڙ تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ صدر مملڪت طرفان سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج سيد منصور علي ??اهه کي 26 آڪٽوبر کان چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. بيان موجب قان??ن ۽ انصاف واري وزارت ا??ڙي قسم جو ڪو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو.