اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف احتجاج جي لاءِ آيل مظاهرين جي هٿان پوليس اهلڪار جي شهادت جي شديد لف??ن ۾ مذمت ڪند?? واقعي ۾ ملوث عنصرن جي فوري نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيا??ڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪانسٽيبل مبشر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ ان جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث عنصرن جي فوري نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ ۽ احتجاج دوران پٿراءُ ۽ تشدد جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون ??راهم ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي نالي تي پوليس اهلڪارن تي حملو مذمت جوڳو آهي، پوليس اهلڪار ۽ قانون ??اڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار امن امان قائم ڪ??ڻ جي لاءِ ڊيوٽي تي مقرر آهن. وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي ملڪ گير فساد برپا ڪندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر پرتشدد ڪارروايون ڪري رهيا آهن، 46 سالن جي شهيد ڪانسٽيبل مبشر جي ننڍڙي عمر جي ٻارن جي دنيا شرپسند عنصرن جي هٿان اجڙي وئي. وزيراعظم چيو ته جڏهن جڏهن ملڪ ترقي جون ??نزلون طئي ڪرڻ لڳي ٿو، شرپسند عنصر سڄي ملڪ ۾ جلاءُ گهيراءُ شروع ڪري ڇڏين ٿا، مون سميت پوري قوم ڪانسٽيبل مبشر شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪ??نسٽيبل مبشر هڪ اهڙي گروهه جي هٿان شهيد ٿيو جيڪو ملڪي ترقي جو دشمن آهي، نام نهاد امن پسند احتجاجين جو پوليس اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪ??ڻ جو عمل مذمت جوڳو آهي.