راولپنڊي-26 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته عبوري ??فغ??ن حڪومت پنهنجي ڌرتيءَ کي پاڪستان خلاف دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي. پنهنجي بيان ۾ آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ت?? پاڪستان لڳاتار عبوري ??فغ??ن حڪومت کان مطالبو ڪندو رهيو آهي ته هو پنهنجي طرفان سرحدي انتظامن کي اثرائتو بڻائي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ت?? پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز پنهنجي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي عزم تي قائم آهي ۽ ان حوالي سان ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن.