اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آه?? ته 9 مئي تي مٽيءَ اڏائڻ وارا اڄ مٽيءَ ويهارڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، تحريڪ انتشار گولي هلڻ جو ڪوڙو بيانيو ٺاهي رهي آهي، گولي هلي آه?? ته ثبوت سا??هون ڇو نه ٿا آڻين؟ ڊوڙون ڇو لڳايون؟ موقعي تان ڀڄي ??ين??ڙ بهانا ٺاهي رهيا آهن. چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته گليلن، بلورن، پٿرن، اسٽن گنز ۽ هٿيارن سا?? ليس شرپسندن 26 نومبر تي وفاق تي چڙهائي ڪئي، پوليس ۽ رينجرز جي جوانن کي شهيد ۽ زخمي ڪيو، ان نقصان جو مداوو ڪير ڪندو؟ شهيد جوانن جو رت ڪنهن جي هٿن تي ڳوليون. وفاقي وزير چي?? ته تحريڪ انصاف وٽ گولي هلڻ جو ڪو هڪ ثبوت آه?? ته سا??هون آڻي. هن چي?? ته پرتشدد سياست ۽ پرتشدد احتجاج پي ٽي آءِ جو شيوو آهي، پنهنجي مٿان اٿندڙ سوالن جا جواب ڏين، الزام هڻي انهن کان منهن نه موڙين، 9 مئي سا??حي جا سمورا ثبوت موجود آهن، تحريڪ انصاف جي پوري قيادت 9 مئي سا??حي ۾ ملوث آهي.