اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف اتر وزيرستان ۾ خوارجي دهشتگ??دن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ ??رع??م آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻن مختلف آپريشنز دوران 7 خوارجي دهشتگ??دن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. هن دهشتگ??دن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻڻ تي لانس نائيڪ محمد امين شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيد لانس نائيڪ محمد امين جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ انهن سان گڏ بيٺل آهي، هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ ??رع??م آهيون.