اسلام آ??اد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ايمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق آرمي پبلڪ اسڪول پشاور( اي پي ايس)جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته انهن شهيدن جون قربانيون هميشه ي??د رکيون وينديون، 16 دسمبر 2014ع جو سانحو قومي تاريخ جو ڪ??رو باب آهي جنهن کي هميشه ي??د رکيو ويندو. اي پي ايس جي معصوم شاگردن ۽ استادن جي قربانين قوم کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد ڪيو. سو??ر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ سردار اياز صادق چيو ته اي پي ايس جا شهيد دهشتگردي خلاف اسان جي قومي اتحاد ۽ عزم جي علامت آهن سندن والدين جي صبر ۽ حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پارليامينٽ ميمبر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قانونسازي ذريعي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پر عزم آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورتي فورسز لازوال قربانيون ڏنيون آهن. هن جنگ ۾ پوري قوم متحد آهي. هن چيو ته ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.