بيجنگ- 18 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال بيجنگ ۾ ڪراچي ۾ پاور چائنه جي انجنيئرن جي دهشتگردي جي واقعي ۾ مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف طرفان پاور چائنه جي انتظاميه ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوري پاڪستاني قوم اوهان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. احسن اقبال دهشتگردي جي ان واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جا هينڊلرز سي پيڪ جي منصوبن کي رول بيڪ ڪرڻ چاهين ٿا، پر اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون پاڪستان ۽ چين جي گڏيل ڀائيچاري کي ڪمزور نٿيون ڪر?? سگهن. هن خاطري ڪرائي ته پاڪستان جي حڪومت سي پيڪ منصوبي تي ??م ڪندڙ انجنيئرز ۽ عملي جي سيڪيورٽي جا انتظام وڌيڪ سخت ڪر?? ڇڏيا آهن ته جيئن ??ستقبل ۾ اهڙن واقعن کي ر??ڪي سگهجي. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته سي پيڪ 2.0 جي رفتار گهٽ نه ٿيندي پر هي منصوبو وڌيڪ بلندين تي پهچندو ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن هوندو. اي