اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي پرڏيهي وزير ??نٽ??ني جي بلنڪن سان پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ متاثر علائقن جي بحالي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان مو??ب ٻنهي پرڏيهي وزيرن گذريل ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بيان مو??ب ٻنهي طرفن ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ وسيع البنياد ايجنڊا تي عمل پيرا ٿيڻ جي گڏيل خواهشن کي ورجايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ بوڏ کانپوءِ 97 ملين ڊالر جي انساني امداد فراهم ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن آمريڪي پرڏيهي وزير ??نٽ??ني جي بلنڪن کي پاڪستان پاران بحالي ۽ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن آمريڪي پرڏيهي وزير کي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ پاڪستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ ڪيل ڪو??شن ۾ تعاون جي لاءِ منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس بابت پڻ آگاهه ڪيو. آمريڪي پرڏيهي وزير ان موقعي تي پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪي انتظامي?? جي مسلسل حمايت کي ورجايو.