اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون بهتري طرف گامزن آهن، سيڙپڪار مختلف شعبن ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن، رپئي جي قدر بهتر ٿي رهي آهي، روانگي واپار وڌي رهيو آهي، نئون پاڪستان پراڻن ۽ روايتي طريقن سان نه ٿو هلائي سگهجي، نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ غربت جو خاتمو اسان جو مشن آهي، سي پيڪ گيم چي??جر ثابت ٿيندو?? سول سرونٽس جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ ۽ سول سروس کي ماضي وانگر فعال بڻائڻ جي لاءِ س??ور?? ممڪن قدم کنيا پيا وڃن?? سول سرونٽس عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ محنت ڪري ۽ مسئلن جو حل ڪڍي?? سول روس ريفارمز کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سمورين وفاقي وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو.