اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آهي ته ڀارتي قيادت جي جنگي جنون ۽ زميني جارحاڻي قدمن سان امن ۽ سلامتي لاءِ خطرا پيدا ٿيا آهن، ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جي م??صفاڻي حل سان ئي ڏکڻ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀ??رت طر??ان انسانيت جي خلاف ڏوهن جي باري ۾ آگاهي پکيڙڻ ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب مسئلي جي حل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي ان جي جائز خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکنداسين. اها ڳالهه هن برطانوي پارليامينٽ جي آل پارٽيز پارلياماني ڪشمير گروپ (اي پي پي ڪي جي) جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.