اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڪرونا وائرس با??ت عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار کي ساراهيندي چي?? آهي ته ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، اولهه ميڊيا جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني ميڊيا ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ آگاهي مهم ۾ انتهائي ذميواراڻي رپورٽنگ ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود ميڊيا جي فرنٽ لائين تي رپورٽنگ ساراهه جوڳي آهي، ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار کي سدائين ياد ??کي?? ويندو، ميڊيا عوام کي صحيح معن??ٰ ۾ وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ بابت احتياطي تدبيرن کان ??گاهه ڪي?? آهي، ٽاڪ شوز ذريعي عالمي ماهر ڊاڪٽرن جي ڪارائتن مشورن سان ??وام ۾ وائرس بابت شعور اجاگر ٿي?? آهي.