اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوه وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ گوادر ۾ پاڪ چين اقتص??دي لنگهه تحت سمورن منصوبن تي عملدرآمد ۽ انهن کي مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ??ه 23 ڪروڙ ر??ين جي ل??ڳت سان گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تعمير جاري آهي.