ڪراچي – 31 جولاءِ (اي پ?? پي) پاڪستان تحريڪ ??نصاف (پي ??ي آءِ) ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي 5 آگسٽ کي استحصال جي ڏهاڙي طور ملهائيندي، ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ جي خلاف ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ ٿيندو. پي ??ي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ استحصال جي ڏهاڙي جي حوالي سان وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ کي هڪ سال مڪمل ٿي ويندو، هڪ سال اڳ مودي س??ڪا?? ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪيو هو. هن چيو ته 5 آگسٽ تي وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ استحصال جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي لاءِ ريليون ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته پي ??ي آءِ ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ ڪندي. ٽرين مارچ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڃي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندو. پي ??ي آءِ جي اڳواڻ چيو ته پاڪستان جو هر شهري ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ مودي پاران ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ جي خلاف سخت احتجاج ڪنداسين.