اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بل اينڊ ميلنڊاگيٽس فائونڊيشن (BMGF)جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس کي ٽيليفون ڪئ?? ۽ پو??يو جي خاتمي جي ڪوششن ۽ پاڪستان ۾ غذايت ۽ مالي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ فائونڊيشن جي تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئ??.
وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بل گيٽس کي پو??يو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ??ڳڀ??ائي کان آگاهه ڪيو ۽ بي ايم جي ايف پاران فراهم ڪيل مدد کي ساراهيو. هن چيو ته ملڪ ۾ هن سال وائلڊ پو??يو وائرس جو صرف هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي ۽ وائلڊ پو??يو وائرس جا مثبت ماحولياتي نمونا ڪافي حد تائين گهٽ ٿيا آهن، وزيراعظم چيو ته مثبت ??ڳڀ??ائي جي باوجود مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان به ڪم جاري آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ملڪ ۾ هر قسم جي پو??يو جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. بل گيٽس وزيراعظم جي عزم جي واکاڻ ڪئ?? ۽ فائونڊيشن پاران پاڪستان ۾ پو??يو پروگرام کي جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بنائي سگهجي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به ٻار کي پو??يو وائرس جو خطرو نه ٿئي.
بل گيٽس وزيراعظم جي قيادت ۾ آگسٽ ۾ پو??يو جي وڌيڪ خطرن وارن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن سان گهرايل اجلاس جي ڏس ۾ مثبت ڪوششن ۽ ان جي اثرن کي ساراهيو. وزيراعظم ?? بل گيٽس افغانستان ۾ صحت جي نظام جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪو پاڪستان سان پو??يو جو شڪار دنيا جو ٻيو ملڪ آهي، هن ان بيماري جي خاتمي لاءِ افغانستان ۾ پو??يو جي مهم ٻيهر شروع ڪرڻ جي اهميت ۽ پو??يو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي تازي ڪاميابي جي حفاظت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??.
وزيراعظم چيو ته افغانستان جي اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهي آهي ۽ ان کي مالي مدد جي ضرورت آهي. هن بل گيٽس کي درخواست ڪئ?? ته هو افغان عوام کي انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ تي غور ڪر??، بل گيٽس وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ڪووڊ – 19 ويڪسين جي تياري ۾ مبارڪباد ڏني ۽ فائونڊيشن پاران احساس پروگرام سميت حڪومت جي انتظام هيٺ پروگرامن جي مسلسل حمايت جو ذڪر ڪيو جيڪو غربت کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪارانداز جي ڪر?? قومي بچت پروگرام جي ڊجيٽلائيزشن لاءِ شاندار ??ڳڀ??ائي ڪر?? رهيو آهي. بل گيٽ پاڪستانين جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ گيٽ فائونڊيشن جي ذريعي مسلسل تعاون جي آڇ ڪئ??، وزيراعظم بل گيٽ جو پاڪستان سان فائونڊيشن جي قابل قدر سهڪار تي ٿورو ادا ڪيو.