اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سڀني لاڳاپيل وفا??ي ادارن کي متاثرين جي مدد لاءِ بلوچستان حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان ۽ موجوده صورتحال جي شروعاتي رپورٽ وزيراعظم آفيس کي پيش ڪئي و??ي. ??زيراعظم سڀني لاڳاپيل وفا??ي ادارن کي رليف فراهمي ۾ بلوچستان جي حڪومت کي سموري ممڪن مدد جي فراهمي جي هدايت ڪئي، وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي امداد جي فراهمي جي به هدايت ڪ??ي. ??ن چيو ته وفاقي حڪومت ان مشڪل گهڙي ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي.