اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نو??الحق قادري سيالڪوٽ واقعي کي بي رحماڻو ۽ قابل مذمت قرار ڏيندي چيو آهي ته واقعي جي شفاف ۽ غير جانبداراڻي جاچ ڪئي ويندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پنجاب حڪومت ۽ سيالڪوٽ انتظاميه کي 24 ڪلاڪن ا??در جوابدارن تائين پهچڻ ۽ گرفتاريءَ جا حڪم ڏنا ويا آهن. پوري ر??است ۽ پاڪستاني شهري ان بي رحماڻي واقعي جي مذمت ڪري ر??يا آهن. هن چيو ته هر پر??يهي ۽ اقليتن جي مال ۽ جان جي حفاظت رياست جي ذميداري آهي. سيالڪوٽ جو واقعو عدالت کان مٿانهون ۽ ملڪ ۾ مذهبي منافقت پيدا ڪرڻ جي ??ِر??ل سازش آهي. گستاخ رسول ۽ توهين مذهب جي سزا لاءِ ملڪي قانون موجود آهي، هر مجرم کي قانون جي سامهون آندو ويندو. اهڙا واقعا بين ا??اقوامي سطح تي پاڪستان جي بدناميءَ جو سبب بڻجن ٿا.