اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪما??ست??ن جي دوري جي موقعي تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??اڪ??تان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مضبوط معاشي حصيداري جي لاءِ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ڪاسا 1000 منصوبي تي عملدرآمد جو جائزو پڻ ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??اڪ??تان جي بندرگاهن جي ذريعي تاجڪستان جي لاءِ علائقائي انضمام ۽ رابطن تي روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن ??اڪ??تان ۽ تاجڪستان کي افغا??ست??ن ۾ انساني صورتحال جي ڪري درپيش چئلينجز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علي چيو ته پاڙيسري ملڪ افغا??ست??ن ۾ عدم استحڪام جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. هن تاجڪستان جي صدر کي افغا??ست??ن ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ??اڪ??تان جي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. صدر چيو ته افغان معيشت کي بچائڻ جي لاءِ افغا??ست??ن جا منجمند اثاثا غيرمنجمند ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سمورن افغانين جي حقن جو احترام ۽ افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ ج?? خلاف استعمال نه ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته افغا??ست??ن ۾ امن، مفاهمت ۽ استحڪام جي لاءِ ??اڪ??تان ۽ تاجڪستان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته افغا??ست??ن ۾ پائيدار امن خطي ۾ واپار ۽ معاشي موقعا فراهم ڪندو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن موجوده ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.