اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ صديون پ??اڻ?? لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل ثقافت، ڀائيچاري ۽ عوامي رابطن تي ٻڌل آهن، پاڪستان عمان سان واپار ۽ سي??پڪاري ۾ اضافي سان گڏوگڏ پائيدار اقتصادي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن عماني واپارين جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي.
وفد جي قيادت عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين رضا جمعه محمد علي الصالح ڪري رهيو هو جڏهن ته عمان کان پاڪستاني واپاري به ملاقات ۾ ملاقات هئا. عمان جي 22 رڪني وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته 20 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو عماني وفد ڪاروبار ۽ سي??پڪاري لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. موجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسيون سياحت جي ترقي، فشريز سي??ٽر، بندرگاهي شهرن ۾ اسٽوريج ۽ ويئر هائوسنگ ۽ گوادر ۾ ترقياتي منصوبن ۾ سي??پڪاري لاءِ موزون ماحول فراهم ڪري رهي آهي. وفد عمان ۽ پاڪستان جي ساحلي شهرن جي وچ ۾ فيري سروس، سي پيڪ منصوبن، خاص طور تي گوادر جي صنعتڪاري، زرعي شعبي ۽ عمان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ زميني ۽ سامونڊي رستن تي مشتمل هڪ مجوزه ڪوريڊور ۾ سي??پڪاري جي موقعن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي جيڪا وچ اوڀر، وچ ايشيا، آفريقا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا کي ملائيندو ۽ پاڪستان کي ان ۾ مرڪزي حيثيت حاصل هوندي.
اجلاس کي ڪووڊ وبا جي دوران سمنڊ پار پاڪستانين جي تعاون ۽ عمان ۾ پاڪستاني قيدين جي آزادي ۾ سلطنت عمان پاران مدد جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون ۽ گڏيل واپار وڌائڻ جي قدمن تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان نه رڳو ڪووڊ – 19 جي دوران عماني حڪومت ۽ واپاري برادري جو پاڪستانين جي مدد جي آجيان ڪئي پر لاڳاپيل حڪومتي ادارن کي هدايت ڪئي ته هو عمان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار ۽ سي??پڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور، سي??پڪاري بورڊ جي چيئرمين اظفر احسن، لاڳاپيل عملدار، عماني واپارين جو وفد، عمان پاڪستاني ڄاون واپاري ۽ عمان ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني واپارين شرڪت ڪئي.