اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن پاران اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي خصوصي اجلاس ۾ کنيل قدمن تي عمل ڪندي افغانستان ۾ انس??ني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ امداد جي اپيل جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن پاران جاري ڪيل خبر جو حوالو ڏيندي چيو ته آئون عالمي برادري کا?? افغانستان ۾ انس??ني بحران کان بچ?? لاءِ امداد جي اپيل ڪري رهيو آهيان جتي ماڻهو 40 سالن جي تڪرارن جي ڪري شديد مشڪلاتن جو شڪار آهن، واضح رهي ته گڏيل قوم?? افغانستان لاءِ 2022ع ۾ پنج ارب ڊالر جي امداد جي اپيل ڪئي آهي جيڪا ڪنهن به هڪ ملڪ لاءِ انس??ني بحران روڪڻ ??اءِ سڀ کان وڏي اپيل آهي، گڏيل قومن پاران ٻڌايو ويو ته 4 ارب 40 ڪروڙ ڊالر افغانستان جي اندر جڏهن ته 62 ڪروڙ 30 لک ڊالر افغانستان کان ٻاهر رهندڙن لاءِ گهربل آهن، افغانستان جي اڌ آبادي کي هن وقت بک کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.