اسلام آباد ??? 10 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت ڪئي. صدر 30 ڊسمبر 2021ع تي اتر وزيرستان ۾ سرچ آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ فوجي اهلڪارن جي وارثن سان ٽيليفونڪ ??ابطو ڪري تعزيت جو اظهار ??يو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر قوم جي لاءِ قرباني ۽ خدمتن تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ??يو. صدر حوالدار محمد منور ۽ سپاهي محمد شيراز جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي ذڪاءُ الله ۽ سپاهي فرحان جي پونئيرن سان پڻ تعزيت جو اظهار ??يو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 5 جنوري تي ٽانڪ ??لعي ۾ سرچ آپريسن دوران شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي شعيب حسن ۽ سپاهي فريدالله جي پونئيرن سان رابطو ??يو. صدر ڪيچ ضلعي بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ منظور عباس ۽ سپاهي عبدالفتح جي وارثن سان پن تعزيت جو اظهار ??يو. صدر ڊيره اسماعيل خان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي الياس جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.