بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آ??ي ته وزيراعظم جي دوري کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زر??عت ۽ صنعت جي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته چين جي دوري دوران اسان جون چيني سيڙپڪارن سان ملاقاتون ٿي رهيون آهن جيڪي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم پاڻ انهن جي سڌوسنئون ڳالهه ٻڌي رهيو آ??ي ۽ جيڪي نقطا اهي اٿاري رهيا آهن انهن ج?? جواب ۽ سمورين وزارتن کي ان حوالي س??ن عملدرآمد جي لاءِ حڪم پڻ جاري ڪري رهيو آ??ي. وزيراعظم عمران خان چيني وزيراعظم لي سان ملاقات پڻ ڪري رهيو آ??ي ۽ پاڪستان جن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ درخواست ڪري رهيو آ??ي انهن تي به غور ٿيندو. چيني صدر شي جن پنگ سان آچر ڏينهن ٿيندڙ ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان اهي ئي نقطا اٿاريندو. اميد آهي ته هن دوري کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زر??عت ۽ صنعت جي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو.