اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آهي ته موثر ۽ فعال بلدياتي نظام ملڪي ترقي جو ضامن هوندو آهي، فعال بلدياتي نظام جي ذريعي عوام جا ڪيترائي مسئلا انهن جي چائٺ تي حل ڪري سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي حوالي س??ن ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، وزيراعظم ع??ران خان چيو ته بلدياتي نظا?? جو مقصد اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي آهي، هن زور ڏنو ته ان نظام جي ڪاميا??ي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي سمورن طبقن خاص طور تي عورتن، نوجوانن، آبادگارن ۽ واپارين کي هڪ جهڙي نمائندگي ڏني وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، شفقت محمود، خسرو بختيار، اسد عمر، فواد چوڌري، حماد اظهر، خصوصي مددگار ڊاڪٽر شهباز گل شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ صوبائي وزير مخدوم هاش?? جوان خان، محمد بشارت راجا ۽ ميان محمود الرشيد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.