اسلام آباد – 11 ??يب??وري (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شريف فيملي دلچسپ ۽ عجيب فراڊ ڪيا آهن، انهن جي خلاف مني لانڊرنگ جي ڪيسن ۾ 18 ??يب??وري تي فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ باقاعده ٽرائل شروع ٿيندو، اهو ڪيس سڌو سنئون ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير قوم کي مبارڪباد ڏني ته هڪ ڊگهي جاچ کانپوءِ آخ??ڪا?? 18 ??يب??وري تي شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ ٻين جوابدارن جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ باقاعده ٽرائل شروع ٿيندو، ان جاچ ۾ 14 هزار بينڪنگ ٽرانزيڪشنز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، ان دوران حير?? انگيز تفصيل سامهون آيا، هن چيو ته مقصود، شهباز شريف جي ملز ۾ نوڪر هو، ان جو پگهار 25 هزار روپيا هو، ان جي نالي تي اڪائونٽ کليو ۽ 4 ارب روپيا ان جي اڪائونٽ مان ٿي??دا شريف فيملي جي اڪائونٽس ۾ پهچي ويا، وفاقي وزير چيو ته اهڙي طرح جي درجنين دلچسپ ۽ عجيب فراڊ شهباز شريف جي ان ڪيس جو حصو آهن، هن درخواست ڪئي ته ان ڪيس کي سڌو سنئون ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وڃي.