اسلام آباد – پهر??ن 8211; اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته شهباز شريف جو وزيراعظم بڻجڻ جو خواب چڪنا چور ٿيندو، ٻئي پيءُ پٽ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز عدالت مان ضمانت تي آزاد آه??، هڪ وزارت عظميٰ ۽ ٻيو وزارت اعليٰ جو اميدوار بڻجي ويٺل آه??، انشاءُ الله وزيراعظم عمر??ن خان ئي هوندو، جيڪي ماڻهو شيروانيون سبرائي ويٺل آه??، انهن جون شيروانيون ٽنگيل رهنديون. انهن کي پاجاما نه ملندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ايجنسين کان ملندڙ ٿريٽ کانپوءِ وزيراعظم عمر??ن خان جي سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو ويو آه??، رياست جو فرض آه?? ته هو پنهنجي سربراهن جي حفاظت لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته شهباز شريف جو وزيراعظم بڻجڻ جو خواب چڪناچور ٿيندو، پيءُ ۽ پٽ ٻنهي جو وزيراعظم ۽ وڏو وزير بڻجڻ جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، ٻئي پيءُ پٽ عدالت مان ضمانت تي آزاد آه?? ۽ وزيراعظم ۽ وڏي وزير جا اميدوار بڻجي ويٺل آه??، انشاءُ الله وزيراعظم عمر??ن خان ئي هوندو، جيڪي ماڻهو شيروانيون سبرائي ويٺا آه??، انهن جون شيروانيون ٽنگيل رهنديون. انهن کي پاجاما به نه ملندا. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪنهن به طور تي ملڪ جي عوام اجازت نه ڏيندي ته ڪنهن ٻاهر جي ملڪ ۾ ويهي سازش سان پاڪستان ۾ حڪومت تبديل ڪئي وڃي. هن چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪجهه سئو ملين ڊالر خرچ ٿين ۽ حڪومت بدلائي وڃي. وفاقي وزير چيو ته ناراض ميمبرن جي ملاقاتن جو به نوٽيس ورتو ويو آه??، انهن جي خلاف ڪارروائي اڳتي وڌندي، ان حوالي سان قانوني ٽيم پنهنجي حڪمت عملي طئي ڪري ورتي آه??، اميد آه?? ته سڀاڻي تائين سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري وٺنداسين، چوڌري فواد حسين چيو ته آرٽيڪل 184 جي ٻڌڻي دوران اسان چاهيون ٿا ته سپريم ڪورٽ ڏسي ته ڪهڙي طرح بي اعتمادي رٿ جو مسودو ٻاهرين ملڪ تيار ٿيو، ان کي پاڪستان ڏانهن موڪليو ويو، رات جي پيٽ ۾ اها رٿ آندي وئي، ان کانپوءِ ڪجهه ماڻهن جو ضمير به جاڳي ويو جنهن کي ضمير جي هجي تائين نٿي اچي. هن چيو ته شهباز شريف چيو هو ته خط مون کي ڏيکاريو وڃي ته آئون گڏ بيهندس، جڏهن کيس گهرايو ويو ته هو نه آيو ڇو ته کيس پتو آه?? ته ان سازش ۾ هو پاڻ ملوث آه??. مخالف ڌر جا مُک ماڻهو ان سازش جو حصو آه??، وفاقي وزير چيو ته غلام شريفيه شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال ۽ خواجه آصف بي ضمير ماڻهو آه??، خواجه آصف پاڪستان جو پرڏيهي وزير ۽ دفاع واري وزير جي عهدي تي رهندي دبئي جي ڪمپني مان پگهار کڻندو رهيو، اهڙي طرح جا بي ضمير ماڻهو پاڪستان تي مڙهيل رهيا آه??، هن چيو ته خواجه آصف چئي رهيو آه?? ته آمريڪا اسان کي ڊرپ لڳائي رکي آه??، اهي ماڻهو پاڪستان جي عوام کي بي غيرتي جي زندگي ڏيڻ چاهين ٿا، پاڪستان جا ماڻهو غيرتمند ماڻهو آه??، اسان جي بدقسمتي آه?? ته احسن اقبال جهڙا ماڻهو پاڪستان تي مڙهيل رهي، بي شرم ماڻهن جو اهو گروهه عالمي سازش سان پاڪستان تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هن چيو ته پاڪستان جا ماڻهو ان سازش کي سڃاڻي ويا آه??، ان جي خلاف اٿي بيٺا آه??، هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ بي ضمير ماڻهن جي خلاف مظاهرا ٿيا، آئون انهن سمورن ماڻهن کي سلام پيش ڪريان ٿو جنهن انهن مظاهرن ۾ حصو ورتو. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي قيادت عمر??ن خان جهڙي غيرت مند اڳواڻ وٽ رهندي، اسان ڪڏهن پاڪستان کي جهڪڻ ۽ پاڪستاني قوم کي وڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين. هي ملڪ ڊرپن جي سهاري نٿو هلي سگهي، هڪ سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ مڊل ڪلاس طبقي جي پارٽي آه??، پهرين به چئي چڪا آه??ون ته اسان آئين موجب هلنداسين، اسپيڪر جو آئيني ڪردار آه??، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته انشاءُ الله سڀاڻي پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير ٿيندو. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته اسان ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ فنڊز جي سياست ناهيون ڪندا، احسن اقبال جهڙا ماڻهو اقتدار ۾ انهي لاءِ اچڻ چاهين ٿا ته اهي ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ فنڊ جي سياست ڪري سگهن، انهن چورن جي سوچ ايستائين ئي محدود آه??، ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ فنڊ کان اڳتي انهن جي سوچ ئي نه آه??.