اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪ??تا?? تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ هڪ خصوصي شخص جي وڊيو شي??ر ڪندي چيو آهي ته قوم جي ان جذبي کي ڇا ڪوئي شڪست ڏئي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن آچر تي اسلام آباد ۾ منعقد پاڪ??تا?? تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ خصوصي شخص جي وڊيو شي??ر ڪئي جيڪو ٽنگن کان محروم آهي ۽ پي ٽي آءِ جلسي ۾ شرڪت لاءِ گامزن آهي، وزيراعظم چيو ته جڏهن هڪ قوم ۾ ان قسم جو جذبو هجي ته هر امتحان ۾ سرخرو ٿي سگهي ٿي، ڇا قوم جي ان جذبي کي ڪو شڪست ڏئي سگهي ٿو.