اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فرخ حبيب چي?? آهي ته چونڊن جو گهنڊ وڄي چڪ?? آهي، چورن جو ٽولو هڪ چونڊ نشان وٺي جيڪو چونڊ نشان اهي وٺندا اسان ان جو مقاب??و ڪنداسين، پاڪستان جي عوام فيص??و ڪري ويٺي آهي ته ايندڙ چونڊن کانپوءِ و??يراعظم عمران خان هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، فرخ حبيب چيو ته پاڪستان جي عوام کي فقير بڻايو ويو، ماڻهو پنهنجي پيٽ تي پٿر ٻڌڻ لاءِ تيار آهن، پر پاڪستان جي عوام فقير نه آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي جي سلامتي ڪميٽي کان اه?? ماڻهو ڇو ڀڳا هئا، جڏهن پارليامينٽ ۾ خط کڻي وياسين ته اهي اتان کان ڇو ڀڳا هئا. مخالف ڌر پاڪستان جي جمهوري نظام جو مذاق اڏاي?? آهي، فرخ حبيب چيو ته آرٽيڪل 6 کان پهرين آرٽيڪل 5 موجود آهي، سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت پاڪستان جي اهم ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي جيڪو فيصلو ايندو ان جو احترام ڪنداسين. هن چيو ته مخالف ڌر وارن کي وڏي وزير ۽ وزيراعظم بڻجڻ جو تمام گهڻو شوق آهي، پاڪستان جي عوام فيص??و ڪري چڪي آهي، چورن جو ٽولو هڪ چونڊ نشان وٺي جيڪو به چونڊ نشان اهي وٺندا اسان ان جو مقاب??و ڪنداسين، ايندڙ چونڊن کانپوءِ و??يراعظم عمران خان هوندو.