اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب تحريڪ ان??اف جي چيئرمين عمران خان جي ماٺ ڪري ويهڻ ۽ 2023ع تائين ان??ظار ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته عمران خان شهباز شريف جي ڪارڪردگي کان ڊنل آهي، عمران خان کي خبر آهي ته شهباز شري?? انهي محنت ۽ ڌيان سان ڪم ڪندو رهيو ته مهانگائي گهٽ ٿي ويندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان کي خبر آهي ته شهباز شريف معيشت ٺيڪ ڪري ڇڏيندو، هن کي اها به خبر آهي ته شهباز شريف سمورن ملڪن کان خراب لاڳاپن کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو، هن چيو ته عمران خان کي يقين آهي ته شهباز شريف کي ڪم ڪرڻ ڏنو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري واپس آڻيندو، شهباز شري?? انشاءُ الله نوجوانن کي روزگار ڏيندو. هن چيو ته احتساب، مديني جي رياست، سازش جا بيانيا دفن ٿيڻ کانپوءِ عمران خان جو نئون بيانيو ڏيڍ مهيني جي ڪارڪردگي بڻجي ويو آهي، هن چيو ته پنهنجي نالائقي، نااهلي، ڪرپشن ۽ سياسي منافقت جو چهرو آئيني جي سامهون ڏسي ۽ پوءِ تقرير ڪندو وڃي، ماٺ ڪري گهر ويهو ۽ 2023ع ۾ وڌيڪ رد ٿيڻ جو ان??ظار ڪيو?? وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف توهان جي تباهه ڪيل معيشت سنڀاليندو ۽ توهان جي پکيڙيل فتني جو به خاتمو ڪندو. عمران خان 2014ع ۾ ڪنٽينر تي به نواز شريف ۽ شهباز شريف، حڪومت ۾ به نواز شريف ۽ شهباز شريف ۽ پوءِ ڪنٽينر تي نواز شريف ۽ شهباز شريف جي خلاف ڳالهائيندو رهيو، هن چيو ته شهباز شريف عمران خان جي تباهه ٿيل معيشت کي ٺيڪ ڪري رهيو آهي، ان جي لڳايل مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي جي باهه شهباز شريف وسائي رهيو آهي، چار سالن ۾ معاشي تباهي ۽ مهانگائي آڻيندڙ لاڏلو ڏيڍ مهيني جو حساب گهري رهيو آهي. اي پي پي/ر – م/ش – چ 19:45