گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گوادر ۾ هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ سولر پينلز جي ذريعي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن تعاون جي خاطير ڪرائيندي منصوبابندي وا??ي وفاقي وزير احسن اقبال کي جامع ڳالهيون ڪرڻ ۽ سمورن مسئلن جي حل لاءِ وا??ح روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن اهي هدايتون چيني ڪمپنين جي وفد سان ملاقات دوران ڏنيون. وزيراعظم انهن کي گوادر شهر ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائي هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ سولر پينلز جو استعمال ڪري بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن گوادر ايئرپورٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ گوادر پورٽ کي دنيا جي مصروف ترين ۽ منافعو ڏيندڙ بندرگاهه بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم ان مقصد جي لاءِ چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن منصوبابندي ۽ ترقي وا??ي وفاقي وزير احسن اقبال کي ان سلسلي ۾ چيني سيڙپڪارن سان جامع ڳالهيون ڪرڻ ۽ سمورن مسئلن جي حل لاءِ وا??ح روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئ??. م??اقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وا??و وفاقي وزير احسن اقبال، منشيات جي خاتمي وا??و وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ فهد حسين کانسواءِ ٻيون اهم سياسي شخصيتون پڻ موجود هيون.