اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم شاگردن لاءِ خصوصي ڪمپيوٽرز ۽ سافٽ ويئر جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيند?? چيو آهي ته عوامي نمائندا، اين جي اوز ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي کاتا شاگردن کي معياري ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن تي ٻڌل هنر فرا??م سان گڏوگڏ اسڪول کي جديد دور جي تدريسي سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ سموري ضروري مدد فراهم ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل ا??پي??ل ايجوڪيشن ڪمپليڪس خضدار بلوچستان جي شاگردن سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن صوبائي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو اسڪول کي سيڪندڙي سطح ت??ئي?? اپ گريڊ ڪرڻ، نصاب کي بهتر ۽ جديد بڻائڻ، اسڪول کي جديد تعليمي سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻن. صدر چيو ته شاگردن کي بهترين آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل ۽ آءِ ٽي جون مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علو?? چيو ته حڪومت ۽ پر??ئي??يٽ سيڪٽر خصوصي ماڻهن لاءِ سرڪاري عمارتن، اسپتالن، تفريحي سهولتن، پبلڪ ٽرانسپورٽ، گهٽين ۽ رستن ت??ئي?? پهچ بهتر بڻائڻ جي ضروري قدم کڻن،حڪومت ۽ سول سوس??ئي??ي منا??ب تعليم، هنر، تربيت ۽ مناسب نوڪرين تي مقرري جي ذريعي معاشري ۾ انهن ماڻهن جي موثر شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن، هن چيو ته معذور ماڻهن جي حقن جو ايڪٽ، جيڪو 2020ع ۾ منظور ڪيو ويو، حڪومت پاڪستان کي پابند ڪريان ٿو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته هر معذور ماڻهو جو احترام ڪيو وڃي ۽ ان کي بنا ڪنهن امتياز جي تعليمي، سماجي ۽ معاشي سميت سمورين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي برابر موقعن سان گڏوگڏ هڪ مهذب زندگي گذارڻ جو حق هجي. صدر کي ٻڌايو ويو ته شاگردياڻيون پنهنجي تعليمي سرگرمين جي سلسلي ۾ اسلام آباد جو دورو ڪري رهيون آهن، نيشنل ا??پي??ل ايجوڪيشن ڪمپليڪس خضدار ۽ بلوچستان جي ڏاکڻي علائقن ۾ معذور شاگردن جو واحد تعليمي ادارو آهي، اداري ۾ پرائمري تعليم ۽ هنرمندي جي پروگرامن ۾ 160 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيون آهن.