ڪراچي – 10 – آگسٽ (اي پي پي) ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ چيو آهي ته بئنڪ اسلام?? جي تعاون سان ڪمشنر جي نگراني هيٺ منعقد ٿيندڙ پلاٽينم جوبلي پاڪستان آزادي ڏهاڙي فيسٽيول ۾ ڪراچ?? جي اسڪولن جي وچ ۾ تعليم کات?? جي حصيداري سان مختلف مقابلا جنهن ۾ تقريري، نعت ۽ ملي نغمن ??ا مقابلا شامل آهن منعقد ڪيا ويندا. اهو فيصلو ڪمشنر آفيس ۾ سندس صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولز فرناز رياض، رجسٽرار قاضي عبدالرزاق، اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل عابد قمر شيخ، ڪوآرڊينيٽر غلام محمد خان ۽ محمد اخلاق شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽر?? جي سربراهي ۾ ڪمشنر آفيس انهن ??قريبن جو شاندار انداز ۾ اهتمام ڪيو آهي ۽ پورو شهرن ان سان ڳنڍيل آهي جنهن ۾ بئنڪ اسلامي تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته تعليم کاتي سدائين ڪراچ?? جي انتظاميا سان ڀرپ??ر حصيداري ڪئي آهي ۽ مون کي اميد آهي ته مٿي ڏنل ??ئي پروگرام ڀرپور انداز ۾ منعقد ٿيندا.