حيدرآباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران ڀارت پاران مظلوم ڪشميرين تي جاري استحصال ۽ گهيراءُ جي خلاف سيمينار منعق?? ڪيو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽهڙ چيو ته ڪشمير جي اصل رهواسين جي حقن جي خلاف ڪيل قانونسازي انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي، ڀارت مظلوم ڪشميرين جو استحصال ۽ گهيراءُ ختم ڪري. شاگردن جي معاملن واري ڊائر??ڪٽ?? ڊاڪٽر تنوير حسين ڦلپوٽو چيو ته ڪشميري ويجهي ماضي جي تاريخ جا سڀ ک??ن وڏا مظلوم آهن، ڀارت ڪشميرين جي حقيقي آزادي کسي انهن جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، ڪاري قانون تحت ڪشمير جي اصل رهواسين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿي ٿي سگهي، ڀارت جي ان عمل کي رد ڪريون ٿا. ان موقعي تي سيمينار کي اسٽوڊنٽس افيئرز جي ڊپٽي ڊائر??ڪٽ?? ڊاڪٽر شعيب شي??، ال??ڪٽ??يڪل انجنيئرنگ جي شاگرد وقاص ماڪا، بي ايس انگلش جي شاگردياڻي پرهه ۽ ميڪا ٽرانڪس انجنيئرنگ جي حماد راجپوت ڪشمير جي موضوع تي تقريرون ڪندي چيو ته پاڪستان جو هر ٻار ڪشمير جي آزادي لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي جلد ان تان ڀارت جو باضابطا قبضو ختم ڪرايو ويندو.