اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وز??رت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي ملازمن ۽ آفيسرن پرائيم منسٽر ريل??ف فنڊ ۾ رضاڪاراڻي طور تي عطيو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وز??رت پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي اپيل تي اطلاعات واري وز??رت ۽ ذيلي ادارن جي گريڊ 1 کان 16 تائين جا ملازم پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار رضاڪاراڻي طور تي تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر عوام جي مدد لاءِ قائم ريل??ف فنڊ ۾ جمع ڪرائيندا. جڏهن ت?? گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جا سڀئي آفيسر پنهنجي 7 ڏينهن جي پگهار پرائيم منسٽر فلڊ ريل??ف فنڊ ۾ عطيو ڪندا. اطلاعات واري وز??رت جي ملازمن چيو آهي ته اطلاعات واري وز??رت ۽ ان جي ذيلي ادارن جا ملازم هن مشڪل وقت ۾ حڪومت ۽ متاثر عوام سان گڏ بيٺل آهن. وز??رت جا سمورا ملازم ۽ آفيسر ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي بحالي ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ وزيراعظم ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير جي اپيلن تي امدادي رقم فلڊ ريل??ف فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.