اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيلن جي مدد تي ??عو??ي عرب جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ٻوڏ جهڙي مشڪل وقت ۾ ??عو??ي عرب پاران امداد جي فراهمي کي دل جي گهراين سان ساراهي ٿي، ٻوڏ سان معيشت کي پهچندڙ ??قصان جو ڪاٿو اٽڪل 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي، پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جي وچ ۾ 4.6 ارب ڊالر جي موجوده ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ??عو??ي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪ ??عو??ي لاڳاپا گڏيل مذهب، قدرن ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ قيادت ۾ تبديلين کان هٽي ڪري مشڪل حالتن ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جي وچ ۾ ويجها سياسي لاڳاپا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده واپاري ڪاٿو ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي گهرائي جي مڪمل عڪاسي نه ٿو ڪري، پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جي وچ ۾ 4.6 ارب ڊالر جي موجوده ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ٻوڏ جهڙي مشڪل وقت ۾ ??عو??ي عرب پاران فراهم ڪئي ويندڙ امداد کي دل جي گهراين سان ساراهي ٿي. صدر ٻوڏ متاثرين کي امداد پهچائڻ جي لاءِ فضائي پل فراهم ڪرڻ ۾ ??عو??ي عرب جي مدد کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ??وڏ پوري پاڪستان ۾ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو، ٻوڏ ۾ 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 10 لک کان وڌيڪ چوپائي مال جو نقصان ٿيو، ٻوڏ سان معيشت کي پهچندڙ ??قصان جو ڪاٿو اٽڪل 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي. صدر اسلامي تعاون تنظيم ۾ فلسطين، ڪشمير ۽ افغانستان سان لاڳاپيل معاملا اجاگر ڪرڻ تي ??عو??ي عرب جي ڪردار کي ساراهيو. صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي پڻ روشني وڌي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪرائڻ، گڏيل قومن جي قراردادن موجب مسئلي جي پرامن حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.