اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي سنگين ڏوهن جا الزام ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ماڻيندڙ 5 ڏوهارين جي رحم جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون. ايوان ??در جي پريس ونگ پ??را?? جاري بيان موجب ??در ڊاڪٽر عارف علوي محمد شعبان ولد محمد انور جي رحم جي اپيل رد ڪري ڇڏي، محمد شعبان کي ٽن سالن جي ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. محمد عمران ولد فقير محمد جي رحم جي اپيل پڻ رد ڪئي وئي، محمد عمران گهريلو جهيڙي کانپوءِ پنهنجي زال ۽ ٻن ڌيئرن کي ڪات سان قتل ڪيو هو. ??در محمد افضل ولد محمد اصغر علي جي اپيل پڻ رد ڪري ڇڏي آهي، محمد افضل کي والدين ۽ 6 ڀينرن ڀائرن سميت پنهنجي خاندان جي 8 ماڻهن کي قتل ڪرڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي محم?? اڪبر ۽ محمد اصغر ولد محم?? اڪرم جي رحم جي اپيل پڻ رد ڪري ڇڏي، محم?? اڪبر ۽ محمد اصغر ٻن ماڻهن کي معمولي جهيڙي کانپوءِ قتل ڪيو هو. ??در آئين جي آرٽيڪل 45 تحت انهن اپيلن کي رد ڪيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ??در ڪنهن به عدالت، ٽربيونل يا ٻي اٿارٽي پ??را?? ڏني ويندڙ سزائن کي معاف ڪرڻ، معطل ڪرڻ يا گهٽ ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو.