اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ گ??يل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي تعليم، صحت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مالديپ ۾ پاڪستان جي ??ام??د هاءِ ڪمشنر وائس ايڊمرل (ر) محمد فياض گيلاني سان ??الهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ??ام??د سفير خاص طور تي مالديپ سان واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري، عوام سان عوام جي رابطن، صحت، تعليم، دفاع، موسمياتي تبديلي، سياحت، انساني وسيلن جي ترقي سان ??ڏوگڏ مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم ڪرڻ تي ڌيان ??ي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت جي صنعت ۾ تعاون جي امڪانن کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته مالديپ عالمي معيار جي سياحتي جڳهه آهي ۽ پاڪستان ان جي مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان مالديپ جي شاگردن کي مختلف تعليمي شعبن ۾ چٽاڀيٽي ۽ ??عل??ٰ معيار جي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان جي فاصلاتي تعليم ۽ هائبرڊ لرننگ ۽ تعليمي مهارت پيش ڪري سگهي ٿو. صدر عارف علوي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نئون مقرر ٿيندڙ هاءِ ڪمشنر ٻنهي ملڪن سان ??ڏوگڏ او آءِ سي، سارڪ، گ??يل قومن ۽ دولت مشترڪه جي فريم ورڪ جي اندر تعاون جي فروغ لاءِ سمورا دستياب سفارتي طريقيڪار بشمول ٻطرفي سياسي مشاورت، گ??يل اقتصادي ڪميشن ۽ گ??يل ڪاروباري ڪائونسلن جي وچ ۾ ٻطرفن رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ موثر طريقي سان استعمال ڪندو. صدر سفير کي مالديپ جي صدر ابراهيم محمد صالح کي پنهنجي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائڻ جو پڻ چيو.