اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پيمرا ۾ جنسي طور خوفزده ڪرڻ جو ڪيس ٻيهر شنوائي ج?? لاءِ خوفزده ڪرڻ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي حوالي ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پيمرا جي هڪ جنرل مئنيجر کي عورت کي ج??سي طور تي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ هڪطرفي سزا ٻڌائي وئي هئي، پيمرا جي ج??رل مئنيجر ان فيصلي کي چئلينج ڪيو هو جنهن ۾ پيمرا جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل کي هڪ عورت ساٿي کي ج??سي طور تي هراسان ڪرڻ جي ڪيس ۾ صدر ڊي ج?? پيمرا کي ”نوڪري تان برطرفي“ ۽ 25 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي ۽ مٿس ڊي ج?? جو ساٿ ڏيڻ جو الزام هنيو ويو هو. صدر ڪيس هراسگي ج?? خاتمي بابت وفاقي محتسب جي حوالي ڪندي چيو ته جوابدار، زندگي کي خطرو هجڻ جي ڪري پاڪستان کان ٻاهر موڪل تي هو، محتسب ڪيس جو فيصلو هڪطرفي طور ڪيو، خ??فزده ڪرڻ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب ڪم واري جاءِ تي ج??ابدار کي شنوائي ج?? موقعو فراهم ڪري. صدر چيو ته انصاف جي اصولن موجب جوابدار جي ايم کي ٻڌڻي ج?? مناسب موقعو ڏنو وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار جي ايم ۽ ان جي وڪيل بيان رڪارڊ ڪرڻ ۽ وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي آڏي پڇا جي لاءِ دستيابي ج?? خاطري ڪرائي آهي. صدر هدايت ڪئي ته ڪيس نئين سر ٻڌڻي ج?? لاءِ محتسب جي حوالي ڪيو وڃي ٿو جنهن جو 60 ڏينهن ۾ فيصلو ڪيو وڃي. هن دير سان جوابدار جي ايم کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ جو موقف ??د ڪري ڇڏيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان جي سماجي ۽ ثقافتي ماحول ۾ خاندان جي عزت ۽ آبرو جي رواج جي ڪري هڪ عورت جي لاءِ اهڙي پري??ان ڪندڙ واقعن بابت ڳالهه ڪرڻ آسان نه آهي، اهڙن ڪيسن ۾ جوابدار پاران عورت جي ڪردار جي خلاف جوابي الزامن جو انديشو به هوندو آهي. صدر چيو ته انهن سببن جي بنياد تي ج??سي هراسگي جا ڪيترائي ڪيس رپورٽ نه ٿا ٿين، جنسي هراسگي جا متاثر معاملي کي رپورٽ ڪري همت جو مظاهرو ڪن ٿا. صدر چيو ته شڪايت داخل ڪرائڻ ۾ دير جي بنياد تي اهڙن ڪيسن کي رد نه ڪرڻ گهرجي.