مڪه مڪرمه – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مڪه مڪرمه مان م??يني منوره جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب مدينه منوره پهچڻ تي مدينه جي گورنر شهزادي فيصل بن عبدالعزيز آل سعود وزيراعظم جي آجيان ڪندو. وزيراعظم روضه رسول ﷺ تي حاضري ڏيندو. ان کان پوءِ وزيراعظم وفد سان گڏ پاڪستان لاءِ روانو ٿيندو.