اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جو مصر جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي حوالي سان ڪوپ – 27 ڪانفرنس پاڪستان جي لاءِ وڏي نتيجاخيز رهي، پهري??ن ڀيرو موسمياتي تبديلي جي ڪري نقصانن ۽ تباهي کي اسرندڙ مل??ن جي مالياتي دٻاءُ ۾ اضافي جو سبب تسليم ڪيو ويو، پهري??ن ڀيرو اسرندڙ مل??ن جي نقصانن جي ازالي لاءِ مالي وسيلن جي فراهمي تي عالمي اتفاق راءِ ٿيو آهي، هڪ طرف عوامي خدمت جاري آهي ۽ ٻئي طرف هڪ شخص انتشار، فساد، جلاءُ گهيراءُ ۽ فتني ۾ مصروف آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چي?? ته هڪ طرف اهو شخص آهي جيڪو جڏهن کان اقتدار ۾ آيو، مل?? ۽ عوام جي خدمت ۾ مصروف آهي ۽ ٻئي طرف اهو ڪردار آهي جيڪو جڏهن کان سياست ۾ آيو، تباهي، بربادي، انتشار ۽ خلفشار ۾ مصروف آهي. هن چي?? ته هڪ شخص ٻوڏ متاثرين کي سرديءَ، بيمارين، بک ۽ بيماري کان بچائڻ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي طرف اهو فسادي فتنو آهي جيڪو رستا بند ڪري بيمار ٻارن ۽ ايمبولينسز کي اسپتال پهچڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. مريم اورنگزيب چي?? ته هڪ شخص پاڪستان جي معيشت کي تباهي جي ڪناري تان واپس آندو ۽ معاشي بنيادن کي مضبوط ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف ڌرڻن، باهه لڳايو، ماريو، مري وڃو، جلاءُ گهيراءُ جو ماسٽر مائنڊ آهي جيڪو اقتدار جي هوس ۾ هر اداري، سرڪاري ۽ نجي مل??يتن تي حملي آور آهي. هن چي?? ته هڪ شخص سفارتي لاڳاپن، دوست مل??ن سان تعاون جي تجديد ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي عالمي وقار کي بحال ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف سازشي بيانيو ٺاهيندڙ مڪار، فريبي ۽ جعلساز آهي جنهن اقتدار جي لاءِ قومي مفادن کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو.