اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي اڳوڻي صدر جيانگ ز??من جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم شهباز شريف چيني سفير نونگ رونگ سان ملاقات ۾ چين جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته چين جي اڳوڻي صدر کي سدائين هڪ عظيم اڳواڻ طور ياد رک??و ويندو. هن پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. چين جي ترقي ۾ اڳوڻي صدر جيانگ ز??من جو ڪردار اهم ۽ آفاقي حيثيت رک??دڙ آهي.